جسو ۽ جسراج

جسو ۽ جسراج: جسو ۽ جسراج سما دور جي تاريخي ڪردار لاکي ڦلاڻيءَ جا جگري دوست هئا، جن کي ريٻارين راءِ کنگهار جي مدد سان ماري وڌو هو. لاکي ڦلاڻي ٻنهي دوستن جو وير وٺڻ لاءِ ريٻارين جون لوڙيون هڻڻ شروع ڪيون ۽ کين ڏاڍو سوڙهو ڪيو. سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ جسي ۽ جسراج ۽ لاکي جو ان حوالي سان ذڪر موجود آهي:
ڀڄڻا ڀُلي نڱيو، ڏيئي پاکوڙي پير،
جسي ۽ جسراج جو، مٿي وانڍين وير،
ڪَڇَ رهندو ڪيرُ، جئن لاکو لوڙائو ٿيو!
(شاهه جو رسالو: مرزا قليچ بيگ، سر ڏهر، فصل چوٿون، بيت نمبر 10، ص: 715)


لفظ جسو ۽ جسراجھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو